h1

بلوچ اڳواڻن جو قتل : گڏيل قومن جي تشويش

اپریل 29, 2009

گڏيل قومن جي اداري ٽي بلوچ اڳواڻن جي قتل تي شديد تشويش ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستاني حڪومت کي چيو آهي ته بلوچ اڳواڻن جي قتل جي تحقيق ڪرائي وڃي. هن اداري انهن جي گھر جي ڀاتين سان تعزيت جو اظهار به ڪيو آهي. اها ڳالهه خميس جو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اداري جي آفيسن ۾ سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جي ترجمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چئي آهي.

سيڪريٽري جنرل جي ترجمان گڏيل قومن ۾ موجود ميڊيا جي ميمبرن کي ٻڌايو ته قتل ٿيڻ وارا ٽي بلوچ اڳواڻ  هن بلوچستان قوم پرست ڪاميٽي جا ميمبر هئا جيڪي بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي تحقيق ۾ گڏ ڪم ڪري رهيا هئا.

هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جو ادارو پاڪستاني حڪومت کان بلوچ اڳواڻن جي قتل جي تحقيق جو مطالبو ڪري ٿو ۽ اميد ٿي ڪجي ته بلوچستان قوم پرست ڪاميٽي پنهنجو ڪم جاري رکندي.

بلوچستان ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي طرفان ٽي ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. بي اين پي جي اڳواڻ سردار اختر مينگل ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻ هي ملڪ گھڻو وقت نٿو هلي سگھي، هن چيو ته هن عمل ۾ ته اهي قوتون شامل آهن جنهن ملڪ کي ٻن ڀاڱن ۾ ونڊيو هو.

ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته بلوچ نيشنل موومنٽ جي اڳواڻ غلام محمد بلوچ، لالا منير ۽ بلوچ ريپبليڪن پارٽي جي اڳواڻ شير محمد بگٽي کي ڪلهه رات تربت ۾ ماريو ويو هو. تربت جي پوليس آفيسر اياز بلوچ جو چوڻ آهي ته اڃا تائين هي واضح ناهي ته انهن کي ڪنهن ماريو آهي جڏهن ته انهن جا مڙھ گھٽ ۾ گھٽ 6 ڏينهن پراڻا آهن.

%d bloggers like this: